SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


CBS Confidence Building Measures

(click word to listen sound
  • 🔊
  • cbs
  • kɔnfidəns
  • bildiŋ
  • meʒəz
  • )

From the Dictionary of International Relations:

CBS Confidence Building Measures

ڪانفيڊينس بلڊنگ ميئرس

ويساهه وڌائيندڙ اُپاءَ

تڪرار ۾ آيل ٻن ملڪن طرفان لڙائيءَ کان پاسو ڪندي اهڙا اپاءَ وٺڻ، جن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ ٻئي تي ويساهه جي فضا بهتر ٿئي، هڪٻئي بابت پريشاني ختم ٿئي ۽ بحراني صورتحال ۾ امڪاني حملي جو خطرو گهٽجي. انهن اپائن وٺڻ جي ضرورت تڏهن محسوس ٿيندي آهي، جڏهن ٻن تڪراري مُلڪن کي هڪ ٻئي جي نيت ۾ شڪ هجي ۽ کين ڊپ هجي ته اڳلي ڌُر تڪرار جو نبيرو جنگ ذريعي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. پهرين ڌُر ان صورتحال کان بچڻ لاءِ هڪٻئي کي مختلف شعبن ۽ ميدانن ۾ سهولتون ڏيئي هڪ ٻئي تي ويساهه وڌائڻ ۽ امڪاني جنگ جي ڊپ کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪنديون آهي. اِهي سهولتون عام طرح فوجي ۽ جاسوسي معلومات جي مٽاسٽا، وڻج واپار ۾ واڌاري، سياسي ۽ ثقافتي وکرن جي ڏي وٺ، هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ اچ وڃ تي لڳل پابندي ۾ نرمي، ۽ ڪنهن به اوچتو ٿيندڙ حادثي جي ترت سمجهاڻي لاءِ ٻنهي ملڪن جي اهم حڪومتي ڪارپردارن جي خاص ۽ تُرت رابطي (Hot Line) تي ڳالهه ٻولهه جي شڪل ۾ هونديون آهن. هي قدم ابتدا ۾ ڪجهه فردن، تنظيمن ۽ غير رياستي ڌُرين معرفت شروع ڪيا ويندا آهن. دُنيا ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ گڏيل قومن سميت مُختلف ادارن ۽ فردن اِن ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙين اُپائن جي شروعات ويِڙهه دوران ٻن مها وڏين طاقتن، آمريڪا ۽ سوويت يونين، وچ ۾ ٿي. ڏکڻ ايشيا ۾ اِن جو مثال پاڪستان- ڀارت ناتا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جي بحاليءَ لاءِ مختلف وقتن تي اپاءَ ورتا ويا آهن. جهڙوڪ واپار ۾ رعايتون ڏيڻ ۽ مختلف وفدن جا دورا وغيره.


Remember Me Also:

پاٺ جو ڀوڳ وجهڻ

پاٺ پوري ٿيڻ تي پرارٿنا ڪرڻ ۽ پرساد ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal